پڙهڻ وارن کي غور ۽ فڪر ڪري سمجهڻ ڏيو ته ڪٿي روايتن ۾ حقيقت پسنديءَ کان اجتناب ورتو ويو آهي يا اجتناب وٺارايو پيو وڃي ۽ جيڪي لکيل حق ۽ سچ اشرف المخولقات جي حيثيت ۾ پاڻ پرکڻ چاهين ٿا ڇو جو الله ج هي بشر )انسان( ٺاهيو ئي ان خصوصيت سان آهي، ته ٻُڌي پنهنجي عقل فهم سان اڳتي وڌي نه ڪه جنهن معاشري يا عقيدي جي گهر ۾ پئدا ڪيو ويو آهي اُن کڻي وڌي۔ تڏنهن ته ڪافرن جي گهر ۾ به ڪوڙ ۾ پرورش پائڻ وارو جڏنهن پنهنجي دل کولي ٿو ته ايمان افروز سان مُنور ٿئي ٿو ۽ بلمقابل عالمن جي گهر ۾ جتي هر وقت اسلام ئي اسلام جي پرچار آهي پر هُنن جي دلين تي اهڙي مُهر ثبت آهي جو هو حق ۽ سچ کي نٿو پرکي سگهي جو هو مُقابلي لاءِ ۽ اختلاف لاِ ميدان ۾ ٿو اچي نه ڪي سمجهي صحيح علم پرائڻ لاءِ ۔ ان لاِ ته قرآن پاڪ جي اها آيت آهي ته )ثُمن بقمن عُمين لا يرجعون) گونگا، ٻوڙا ۽ انڌا آهن واپس نه ورندا۔ ان ڪري سڀ دوست پنهنجپنهنجي لکتُن کي فُضول بحث نه سمجهن، جيڪي به روايتون اُنهن وٽ گڏ آهن آهي هتي برملا اظهار ڪن، پر لازمي اُنهن جا حوالا به ڏين ته سمجهڻ وارو حضرت بشر جيڪو سچ پرکڻ چاهي ٿو اصحاب، اُنهن جي عُمر، تجربو، نبيءَ سائين طرفان مليل فوقيت ، ٻار لاءِ ڇا، گهر وارن لاءِ ڇا دوستن اِ ڇا، ڪير موجود هو، ڪير غير موجود هو، هين انهن جي وقت، تاريخ، حالتُن ۽ نبيءَ جي دين مُڪمل واري اعلان ۽ منشور کي ڀيٽ ڪري ڏسي ته ڪير اڳرائي پيو ڪري، ڪنهن سان، ڇو ، ڇا ڪارڻ هُئا، ڇا علم هونِ۔ وغيره۔ فرقا بنديءَ جو رواڪنهن کان پيو، ڇو پيو، ڪنهن وڌو، ڪڏنهن کان پيو وغيره۔ اسلامي تاريخ ٻُڌائي ٿي ته خلفاءِ راشدين جا پاڻ ۾ ڪي به اختلاف نه هُئا، دين نبي سائين صلي الله عليه وسلم جن مُڪمل ڪري چُڪا هُئا۔