ڪي نوان سيکراٽ ايڪٽر ٻه ڊرامان ڪري يا ڪي پُراڻا ايڪٽر جڏنهن پنهنجي ايڪٽنگ جي لائين ڇڏي ڊائريڪٽر ۽ اسڪرپٽ رائيٽربڻجي وڃن ٿا اهو وساري ويهن ٿا ته صداڪاري ۽ اداڪاريءَ ۾ گهڻو فرق هوندو آهي، جيڪي ڊرامان ٽاڪي (يعني ڊائلاگن تي ) گهڻو دارومدار رکندا آهن اُهي صداڪاريءَ جي ذمري ۾ اچن ٿا ۽ ريڊيو تي ئي پيش اچڻ گهُرجن نه ڪه ٽيليويزن ڊرامن يا ٽيلي فلمن ۾ .اداڪاريءَ ۾خاص طور جڏنهن ڪا اهڙي ٽي.وي پروڊڪشن ، جڏنهن اهي ڊرامان هڪ ڪئمرا تي رڪارڊ ٿي ڪري جنهن جو گهڻو ڪري بُنياد ماسٽر، مڊ ماسٽر ، اينڊ ماسٽر ۽ سولو بيس رکيو وڃي ٿو ۽ اُهي هڪ ڪئمرا ٽي وي ڊراما بهترين پرفارمنس بيس نٿا ٿين ۽ ايڪٽر گهڻ ٽاڪيءَ ڪري پنهنجي پرفارمس ڊيليوري وڃائي ويهن ٿا.۽ گهڻي ڀاڱي ڇڇورا ٿي وڃن ٿا. پر جيئن ته گهٽ ڊائلاگ ڊيليوريءَ تي پرفارمنس بيس، ون گو ڊرامان ئي در حقيقت اداڪاري آهي ۽ اُهي ڊراما 360 ڊگري ڪئمرا موومينٽ ۽ ون گو بيس ٿيندا آهن. جهڙوڪ ڪي مشهور اينگلس ڪلوزاپ، وائيڊ شاٽ، انوائرنمينٽ شاٽ، ٽو شاٽ، ٿري شاٽ، اوٽي، آپوزٽ شاٽ، گروپ شاٽ، مڊشاٽ، فُل شاٽ ، ٽاپ شاٽ، سرڪل شاٽ،(ٽريڪ) باٽم شاٽ، ٽلٽ شاٽس، سولو رڪارڊنگ وغيره . گهڻ ڊائلاگ ڊرامان آرٽسٽس، اسٽيج وانگر دانهون ڪوڪون ڪندڙ پُرشور وڏي آواز وارا ٽي وي ڊرامان اسڪرين تيش ٿي پنهنجي افاديت مان ۽ مرتبو وڃائي ويهن ٿا ۽ اداڪار جي پرفارمنس به ٽُٽي پوي ٿي ۽ ايڪٽر پنهنجي ڪردار سان انصاف نٿا ڪن ۽ اجايون دانهون ۽ ڪوڪون ڪري ناظرين جي مٿي ۾ سُور به وجهيو ڇڏين ٿا جنهنڪري هو رموٽ سان چئنل ئي بدلايو ڇڏين. انهيءَ ڪري ليکڪ دوستن کي اپيل ٿي ڪجي ته ٽاڪي ۽ صداڪاري بيس ڊرامان لکڻ بجاءِ پرفارمنس بيس ڊرامان جيڪي گهٽ ٽاڪي پر پاورفُل اداڪاريءَ تي هوندا آهن سي لکن ۽ ڊائريڪٽرس انهن ڊرامن کي 360 ڊگرين مان سليڪٽ ڊگريون ڪري پيش ڪن ۽ ڊرامان لائين ۾ جدت آڻين. سنڌي ميڊيا ۾ مون اها ٽيڪنڪ صرف ٻن ڊائريڪٽرن کي استعمال ڪندي ڏٺي آهي هڪ دانش نواز کي ۽ ٻيو علي اڪبر پٺاڻ کي ٻين ڊائريڪٽرن کي �